پولي گراف

پولي گراف

پولي گراف

پولي گراف (Polygraph): پولي گراف مختلف سائنسي رڪارڊنگ جي اوزارن مان ٺهيل هڪ اوزار آهي، جيڪو ڪنهن ماڻهو کان پڇيل سوال تي ان جي جسماني رد عمل کي رڪارڊ ڪندو آهي، عام طور ان کي ڪوڙ جي جاچ لهڻ وارو اوزار چوندا آهن، پولي گراف جو گهڻو استعمال ڏوهن جي جاچ ۾ ٿيندو آهي، ان جو استعمال سيڪيورٽيءَ جي مقصد لاءِ به ڪيو وڃي ٿو، جيئن ته ڪا به مشين قطعي طور به ڪنهن ماڻهو جي ڏوهه کي ظاهر نه ٿي ڪري سگهي، ان ڪري پولي گراف جي نتيجن کي شاهدين ۽ معلومات سان ملائي ڏٺو ويندو آهي، مثال: ان ٽيسٽ جي ڪري جذباتي دٻاءَ کي ڪوڙ قرار ڏيڻ ضروري ناهي، ائين به ٿي سگهي ٿو ته ڪو ماڻهو ڪوڙ ڳالهائڻ جو عادي هجي، ان ڪري جواب ڏيڻ وقت اوزار ان جو رد عمل معلوم نه ڪري سگهي. عام بدحواسي، بيچيني، ٽيسٽ کان اڳ گهڻي پڇا ڳاڇا، جسماني ۽ ذهني لحاظ کان مناسب رويو يا سوال کان لاپرواهي به ٽيسٽ جي رپورٽ کي متاثر ڪري سگهي ٿي. بهرحال پولي گراف اهو اندازو لڳائڻ لاءِ بنياد مهيا ڪري سگهي ٿو ته ٽيسٽ ڏيندڙ شخص جا جواب صحيح آهن يا نه. پولي گراف اصل ۾ ڪيترن ئي اوزارن جو مجموعو آهي، جيڪي رت جي دٻاءَ، نبض ۽ ساهه کڻڻ جي تبديلين کي هڪ ئي وقت رڪارڊ ڪن ٿا، هيءُ اوزار 1945ع ۾ آمريڪا جي ڏوهن جي ماهر جان ايڊورڊ ريڊ ايجاد ڪيو هو.


لفظ پولي گرافھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو